ٻلاري ڪوٽ

ٻلاري ڪوٽ: ٻلاري ڪوٽ ڪڇ جي رڻ جي سرحد وٽ رهمڪي بازار جي لڳ، ونگي رستي تي آهي. ابن حوقل جي نقشي ۾ ھي ڪوٽ ڏيکاريل آھي. ۽ اوائلي ڪوٽن مان آھي. ميرن جي وقت ۾ مير شير محمد ھن جي مرمت ڪرائي هئي جو سندس آخري سرحد تي ھو. انگريزن جي دور تائين ڪي قدر سلامت ھو. جاڙيجن ۽ بلوچن گڏجي ھن تي قبضو ڪيو ھو. ٻلاري ڪوٽ زبون حالت ۾ ھڪ ڳوٺڙي جي صورت ۾ تعلقي ڏيپلي ۾ اڄ به موجود آھي .


لفظ ٻلاري ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو